اسلام آباد – 25 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي ڊائريڪٽر جنرل خلاف عورت آفيسر کي هراسان ڪرڻ جي ڪوڙي ش??اي?? رد ڪري ڇڏي. ش??اي?? ڪندڙ عورت اسسٽنٽ ڊائريڪٽر، جوابدار جي خلاف ڪم جي جڳهه تي هراسمينٽ جا نه الزام ثابت ڪري سگهي ۽ نه ئي ڪيترن ئي نوٽيسز جي باوجود ڪيس جي ڪارروائي ۾ پيش ٿي. صدر پنهنجي فيصلي ۾ قرار ڏ??و ته ڪنهن کي به قانون جي عمل جو غلط استعمال ڪرڻ جي اجازت نه آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي هڪ ڊائريڪٽر جنرل جي خلاف عورت آفيسر ڪم جي جڳهه تي هراسمينٽ ڪرڻ جي ش??اي?? داخل ڪرائي هئي، ڪم ڪاري واري جڳهه تي هراسمينٽ جي خاتمي بابت وفاقي محتسب انڪوائري ۽ رپورٽ جي لاءِ معاملو قومي اسيمبلي جي اندروني هراسمينٽ ڪميٽي ڏانهن موڪليو. ش??اي?? ڪندڙ معاملو اندروني ڪميٽي ڏانهن موڪلڻ جي خلاف اپيل داخل ڪئي جنهن صدر سال 2020ع ۾ رد ڪري ڇڏيو هو. صدر ڪميٽي کي الزامن جي منصف??ڻي ۽ غيرجانبدار??ڻي انڪوائري يقيني بڻائڻ جو چيو هو. صدر جي فيصلي جي خلاف عورت اسلام آباد هاءِ ڪور?? ۾ ??رخواست داخل ڪئي، ان کي به رد ڪيو ويو. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي اندروني هراسمينٽ ڪميٽي معاملي جي انڪوائري ڪئي ۽ رپورٽ محتسب کي پيش ڪئي. رپورٽ ۾ چيو ويو ته ش??اي?? ڪندڙ عورت جوابدار جي خلاف الزام ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام رهي. رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو ته ش??اي?? ڪندڙ پنهنجي ڊيوٽي جي حوالي سان وقت جي پابند نه آهي. هراسمينٽ جي خاتمي بابت محتسب عورت آفيسر جي ش??اي?? رد ڪري ڇڏي. عورت فيصلي جي خلاف صدر کي درخواست داخل ڪئي، صدر ڪيس جي ٻڌڻي کانپوءِ پنهنجو فيصلو ٻڌايو. 2014ع ۾ ٿيندڙ مبينا هراسمينٽ جي ش??اي?? محتسب کي 2019ع ۾ جمع ڪرائي وئي. صدر چيو ته ش??اي?? ڪندڙ بار بار نوٽيس جي باوجود محتسب آڏو پيش ٿيڻ ۾ ناڪام رهي، ڪم جي جڳهه تي عورتن جي هراسمينٽ جي خاتمي جو ايڪٽ عورتن کي تحفظ فراهم ڪرڻ ۽ عورتن جي بنيادي حقن جي لاءِ لاڳو ڪيو ويو آهي. صدر قرار ڏ??و ته ڪنهن کي به قانون جو غلط استعمال ڪرڻ جي اجازت نه آهي، محتسب صحيح فيصلو ڏنو آهي ان لاءِ عورت جي درخواست رد ڪئي وڃي ٿي.