اسلام آباد-18 آگسٽ (اي پي پي)ريلوي واري نگران وفاقي وزير ڪيپٽن (ر) شاهد اشرف تارڙ ريلوي واري ??زا??ت جي چارج سنڀالي ورتي آهي. ريلوي واري ??زا??ت جي آفيسرن نگران وفاقي وزير جي آجيان ڪئي. وفاقي وزير ريلوي واري ??زا??ت جو دورو ڪيو ۽ آفيسرن سان ملاقات ڪئي. ريلوي واري وفاقي سيڪريٽري سيد مظهر علي شاهه ريلوي جي انتظامي ۽ آپريشنل معاملن تي بريفنگ ڏني. ان موقعي تي وفاقي وزير چيو ته مسافرن جو تحفظ اولين ترجيح آهي، ٽرين آپريشن سڀني لاءِ خوشگوار ۽ محفوظ هجڻ گهرجي. ان سلسلي ۾ ??زا??ت ۽ ان سان جڙيل سمورن کاتن کي مسافرن جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ لاءِ فوري قدم کڻڻ گهرجن. سمورا کاتا فوري ??ور تي حفاظت بابت آڊٽ ۽ اسيسمنٽ ڪن ۽ رپورٽ 7 ڏينهن اندر پيش ڪئي وڃي. نگران وفاقي وزير چيو ته ايم ??يل ون پاڪستان لاءِ هڪ اهم ۽ اسٽريجڪ منصوبو آهي، ريلوي جي آمدني کي بهتر بڻائڻ اسان جي اولين ترجيح آهي.