اسلام آباد – 29 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ هنگو ۾ مسجد ۾ ڌماڪي جي شديد مذمت ڪندي جاني نقصان تي گهري ڏک ۽ اف??وس جو اظهار ??يو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم ڌماڪي ۾ فوت ٿيندڙن جي مغفرت جي لاءِ دعا ڪئي ۽ انهن جي گهرڀاتين سان اف??وس جو اظهار ڪيو. نگران وزيراعظم زخمين کي طبي امدا?? فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي.