اسلام آباد – 25 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان ۾ سياحت جا وسيع موقعا موجود آهن، سياحت جي فروغ لاءِ وف??ق ۽ صوبن کي هم آهنگي سان ??م ڪرڻ ۽ رابطا وڌائڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم سان سياحت بابت خصوصي صلاحڪار وصي شاهه ملاقات ڪئي. ان موقعي تي نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ وسيع پئماني تي سياحت جي حوالي سان صلاحيت موجود آهي، جنهن مان ??رپور فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي. سياحت جي فروغ لاءِ وف??ق ۽ صوبن کي هم آهنگي سان ??م ڪرڻ ۽ رابطا وڌائڻ جي ضرورت آهي. سي?? وصي شاهه نگران وزيراعظم کي وفاقي سطح تي سياحت جي فروغ لاءِ کنيل قدمن تي بريفنگ ڏني.