اسلام آباد – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وا??ي نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ملڪ ۾ صاف، شفاف ۽ آزاداڻيُون چونڊون منعقد ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ نگران حڪومت جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته نگران حڪومت آئين جي پيداوار آهي، اسان آئين ۽ قانون تي عملدرآمد جا پابند آهيون، ميڊيا ??و بنيادي مقصد صحيح معلومات عوام تائين پهچائڻ آهي. اها ڳالهه هن پارليامينٽ هائوس ۾ سينيٽ جي چيئرمين محمد صادق سنجراڻي سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪئي. ملاقات ۾ شفاف طرز حڪمراني ۽ جمهوري عمل ۾ اوپن ڊائيلاگ ۽ معلومات ت??ئين پهچ کي آسان بڻائڻ جي اهميت تي زور ڏنو ويو. اطلاعات وا??ي نگران وفاقي وزير چيو ته ذميو??را??ي صحافت وقت جي ضرورت آهي، غيرجانبد??را??ي ۽ ذميو??را??ي صحافت سان ئي معاشرا صحيح رخ وٺي سگهن ٿا. سينيٽ چيئرمين جمهوريت جي بنيادي قدمن کي برقرار رکڻ جي لاءِ متحرڪ ۽ غيرجانبدار ميڊيا منظرنامي جي اهميت کي اجاگر ڪيو. ه?? چيو ته ميڊيا ??هرين کي صحيح، وقت سر ۽ غيرجانبد??را??ي معلومات فراهم ڪري انهن بنيادي قدرن جي محافظ طور ڪم ڪري ٿي.