اسلام آباد – 11 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چونڊ عمل ۾ عورتن جي فعال ڪردار کي لازمي قرار ڏيندي چيو آهي ته عورتن کي بااختيار بڻائڻ مقدس فرض آهي، صنفي امتياز جي خاتمي جي شروعات هر گهر کان ٿيڻ گ??رجي، رڳو قانون ٺهڻ سان صنفي امتياز جو خاتمو ممڪن نه آهي، عورتن کي برابر حق ڏيڻ جي لاءِ اسان کي پنهنجي سوچ بدلائڻي پوندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ??ائوٿ ايشيا پارٽنرشپ پاڪستان ۽ عورت فائونڊيشن جي اهتمام هيٺ سياست ۾ عورتن جي شموليت جي عنوان سان ٿيندڙ پاليسي فورم کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته عورتون اسان جي آبادي جو اڌ حصو آهن ۽ انهن کي بااختيار بڻائڻ اسان جو مقدس فرض آهي. هن چيو ته مسلمان دنيا ۾ پهرين عورت وزيراعظم پاڪستان مان ٿي. هن چيو ته هر گهر ۾ پٽن ۽ ڌيئرن کي برابر حق ملڻ گ??رجن. رڳو قانون ٺهڻ سان صنفي امتياز جو خاتمو ممڪن نه آهي. هن چيو ته عورتون برابر جون شهري آهن ??نهن ??ا حق مردن جي برابر آهن. هڪ ماءُ کي بهادري سان پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ته اها پنهنجي ڌيءَ کي به ڪنهن ??ه طور تي اه?? تاثر نه ڏي ته هو پنهنجي ڀاءُ کان ڪنهن ??ه طرح گهٽ آهي. چونڊ عمل ۾ عورتن جي شموليت کي لازمي قرار ڏيندي هن چيو ته اليڪشن ڪميشن 16 ڊسمبر کان اڳ ڪنهن ??ه اليڪشن شيڊيول جو اعلان ڪري ڇڏيندي. چونڊون 8 فيبروري تي ئي ٿينديون، ان ۾ ڪنهن کي ڪو شڪ نه هجڻ گ??رجي. هن چيو ته عورتن جي حقن جي لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيمون حڪومت کي پنهنجون تجويزون ڏين. عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۽ انهن ??ي حقن لاءِ جيڪو به ممڪن هوندو حڪومت قدم کڻندي.