ڊيووس – 16 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ لبنان جي وزيراعظم نجيب ??يقاتي ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ۽ معصوم فلسطينين خاص طور تي ٻارن ۽ عورتن تي ڪيل اسرائيلي ظلمن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پارا?? جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ عالمي اقتصادي فورم جي 54 هين سالياني اجلاس ۾ شرڪت جي موقعي تي لبنان جي وزيراعظم نجيب ??يقاتي سان ملاقات ڪئي آهي. ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن پاڪستان لبنان ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن خطي جي صورتحال تي خيالن جي ??ي وٺ ڪئي. ٻنهي اڳواڻن معصوم فلسطينين خاص طور تي ٻارن ۽ عورتن تي ڪيل اسرائيلي ظلمن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو.