اسلام آباد – 26 – جنوري (اي پي پي) نگر??ن وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته عام چونڊن سان ملڪ ۾ سياسي استحڪام ايندو، نگران حڪومت سمورين سياسي پارٽين سان هڪ جهڙو سلوڪ ڪري رهي آهي، نگران حڪومت پنهنجا هدف حاصل ڪيا آهن، ايس آءِ ايف س?? جي ذريعي دوست ملڪن سان اربين ڊالر جا معاهدا ڪيا ويا. اهڙن خيالن جو اظهار هن نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي ڪيو. نگر??ن وزيراعظم چيو ته تڪميل پا??ستان جي لاءِ مسلم ليگ (ق) کان پنهنجي سياست جي شروعات ڪئي هئي. هن چيو ته قومپرستن سان ڳالهه ٻولهه جو حامي هئس، قومپرستن کانسواءِ ٻيا به بلوچن جا نمائندا آهن. هن چيو ته ڊگهي عرصي کان شاگردن سان ڳالهه ٻولهه ۾ شامل آهيان، شاگردن جي ڳالهه ٻڌڻ گهرجي. نگر??ن وزيراعظم چيو ته سياسي شخصيتون ۽ سياسي سوچ رکندڙن کي ئي حڪومت جو سربراهه هجڻ گهرجي. نگر??ن وزيراعظم بڻجڻ جي تجويز جي اڳ ۾ خبر نه هئي، نگران حڪومت وٽ محدود اختيار ۽ وقت گهٽ هو پوءِ به بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو، جيڪي هدف مقرر ڪيا هئا انهن ۾ ڪاميابي ملي، ان حوالي سان حڪومت جي ڪارڪردگي رپورٽ جاري ڪئي ويندي. هن چيو ته اوڳاڙين ۾ اضافي ۽ خرچن ۾ گهٽتائي وڏو مسئلو آهي ۽ رهندو، ايف بي آر ۾ سڌارن جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، ٽيڪس جي نظام ۾ بهتري کانسواءِ چارو نه آهي. هن چيو ته نجڪاري ڊگهو عمل آهي، پي آءِ اي جي اثاثن ۽ رهتن جي ادائيگين سميت ٻيا معاملا آهن، نجڪاري جي معاملي تي ڪافي قدم کنيا آهن، ايس آءِ ايف س?? جو فورم اڳوڻي حڪومت جوڙيو ۽ پارليامينٽ ۾ ان حوالي سان قانونسازي ڪئي وئي، اسان ان جو تسلسل جاري رکيو، هي بهترين فورم آهي، ان سان ملڪ کي فائدو ٿي رهيو آهي، ايندڙ حڪومت ان تسلسل کي جاري رکندي، ايس آئي ايف س?? جي ذريعي گڏيل عرب امارات ۽ ڪويت سان اربين ڊالر جي معاهدن تي صحيحون ڪيون ويون. هن چيو ته چونڊن بابت سمورا افواهه دم ٽوڙي چڪا آهن، 8 فيبروري تي ملڪ ۾ چونڊ عمل مڪمل ٿي ويندو، ڪجهه ڏينهن ۾ نئين حڪومت جو نقشو واضح ٿي ويندو، سياسي عدم استحڪام دم ٽوڙي ويندو. هن چيو ته 9 مئي تي رياست جي تصور تي حملو ڪيو ويو، قانون موجب ڪارروائي ڪئي پئي وڃي، ان کي منطقي انجام تائين پهچائڻ گهرجي، سوشل ميديا کي ريگيوليٽ ٿيڻ گهرجي، ان حوالي سان ڪم جاري آهي، پارليامينٽ ئي قانونسازي ڪندي. هن چيو ته سياسي پارٽين ۾ انفرادي اثررسوخ وڌيڪ آهي، 9 مئي واقعي ۾ ڪجهه ماڻهو ملوث آهن، پوري سياسي پارٽي کي فسادي نه ٿا چئي سگهون، انهن اڻوڻندڙ ڪم ڪيو جنهن جا سنگين نتيجا آهن، اسان ڪنهن سياسي پارٽي کي ٽارگيٽ نه ڪري رهيا آهيون. انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته عوام جنهن کي به چونڊيندي اهي ملڪ ۾ سياسي استحڪام جي لاءِ ڪم ڪندا ۽ ان تي ضابطو آڻيندا، حڪومت ڪنهن مخصوص پارٽي کي سهولت فراهم نه ڪري رهي آهي، سمورين سياسي پارٽين سان برابر سلوڪ ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته ڪهڙو ملڪ آهي جيڪو بنا پاسپورٽ جي ڪنهن کي سفر جي اجازت ڏي ٿو، آئون رياست پا??ستان جو حامي آهيان، اميگريشن قانونن تحت اچ وڃ ٿئي ٿي، غيرقانوني غيرملڪي رهندڙن کي انهن جي وطن واپس موڪلڻ جو فيصلو صحيح هو ۽ ايندڙ حڪومت کي ان جو تسلسل برقرار رکڻ گهرجي. نگر??ن وزيراعظم چيو ته ايران جو پا??ستان تي حملو غلط قدم هو، پوري دنيا پا??ستان جي قدم کي ساراهيو، اسان پنهنجي سرحد تي چوڪس رهنداسين، ان حملي جي اميد نه هئي، پا??ستان ۽ ايران جي وچ ۾ ڪميونيڪشن جي موجوده چينلز کي استعمال ۾ آڻڻ ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ آهي، پا??ست??ن وٽ ايران کي جواب ڏيڻ کانسواءِ ڪو چارو نه هو، ان جو ڪريڊٽ آرمي چيف ڏانهن وڃي ٿو، پا??ستان پنهنجا فيصلا پا?? ڪري ٿو ۽ حملي جي جواب جو فيصلو به اسان جو پنهنجو هو، ايران جو پرڏيهي وزير پا??ستان جي دوري تي اچي رهيو آهي. هن چيو ته دهشتگرد تنظيمن سان دهشتگردن جهڙو سلوڪ ٿيندو، پارليامينٽ جي ذريعي قانونسازي جي ذريعي مسئلا حل ڪري سگهجن ٿا.