اسلام آباد-10 مارچ (اي پي پي) آصف علي زرداري صدر مملڪت جي عهدي جو حلف کڻي ورتو. چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کا??نس حلف ورتو. حلف برداري جي پروقار تقريب ٽپهري جو ايوان صدر ۾ منعقد ٿي. وزيراعظم شهباز شريف، عهدو ڇڏيندڙ صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي، اڳوڻو نگران وزيراعظم انور الحق ڪاڪڙ، پنجاب جو گورنر بليغ الرحمان، ڪي پي ڪي جو گورنر حاجي غلام محمد، سن?? جو گورنر ڪامران خان ٽيسوري، سن?? جو وڏو وزير مراد علي شاهه، بلوچستان جو وڏو وزير سرفراز احمد بگٽي، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف آسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد، آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير، پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل نويد اشرف، پاڪ فضائيه جو سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سنڌو، نون چونڊيل اسيمبلي مي??بر??، پرڏيهي سفارتڪارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي پاڪستان مسلم ليگ (ن) جو قائد محمد نواز شريف، سينيٽر اسحاق ڊار، پاڪستان پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، اڳوڻو اسپيڪر راجا پرويز اشرف، يوسف رضا گيلاني، پنجاب اسيمبلي جو اسپيڪر ملڪ احمد خان، شرجيل ميمڻ، ملڪ عامر فدا پراچا، نواب جمال خان رئيساڻي سميت ٻي سياسي قيادت موجود هئي. هتي اها ڳالهه ذڪر جوڳي آ??ي ته صدر ??صف علي زرداري 2008ع کان 2013ع تائين به صدر مملڪت جي عهدي تي رهي چڪو آهي.