اسلام آباد– 25 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هندو برادري کي ”هولي“ جي ڏڻ جي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته اسان کي فخر آهي ته پاڪستان مخ??لف عقيدن، نسلن، ثقافتن ?? زبانن جو حسين امتزاج آهي، اچو اسان سڀ گڏجي ملڪي ترقي ۽ خوشحالي جي گڏيل هدف جي لاءِ ??م ڪريون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف هولي جي خوشي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته آئون پوري دنيا خاص طور تي پاڪستان ۾ رهندڙ هندو برادري جي ماڻهن کي رنگن جي ڏڻ ”هولي“ جي خوشي جي موقعي تي مبارڪباد ڏيان ٿو، اسان کي فخر آهي ته پاڪستان مخ??لف عقيدن، نسلن ۽ ثقافتن ?? زبانن جو حسين امتزاج آهي، اچو اسان سڀ گڏجي ملڪي ترقي ۽ خوشحالي جي گڏيل هدف جي لاءِ ??م ڪريون. وزيراعظم چيو ته آئون دعا ڪريان ٿو ته بهار جي موسم جو اچڻ اسان سڀني جي لاءِ نئين شروعات، اميد ۽ خوشي جو پيغام ثابت ٿئي.