اسلام آباد – 16 – اپريل (اي پي پي) سع??دي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان السعود پرڏيهي وزارت جو دورو ڪيو ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزارت اچڻ تي ??رڏيهي وزير اسحاق ڊار معزز مهمان جي آجيان ڪئي. پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وزيراعظم جي تازي سع??دي عرب جي دوري دوران قيادت جي سطح تي ??يند?? اهم مفاهمت جو ذڪر ڪيو. سع??دي عرب سان لاڳاپن جي بلندي کي ساراهيندي هن ٻطرفي اقتصادي ۽ سيڪيورٽي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان جي پراڻي عزم جو ورجاءُ ڪيو. پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سع??دي عرب جي دورانديشي ۽ مستقبل جي قيادت ۾ غيرمعمولي اڳڀرائي ۽ خطي ۾ امن ۽ سلامتي جي لاءِ سع??دي عرب جي قائداڻي ڪردار کي ساراهيو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن ٻنهي ملڪن جي گڏيل فائدي جي لاءِ ڪيترن ئي شعبن ۾ وسيع واپار ۽ سيڙپڪاري جي تعاون جي امڪانن تي خيالن جي ڏي و?? ڪئي. پرڏيهي وزير اسحاق ڊار پاڪستان پاران پيش ڪيل سيڙپڪاري جي زبردست موقعن ۽ ان سلسلي ۾ ايس آئي ايف سي جي ڪردار تي روشني وڌي. سع??دي پرڏيهي وزير سندس ۽ وفد جي شاندار استقبال تي ??رڏيهي وزير اسحاق ڊار جا ٿورا مڃيا ۽ پاڪستان سان سع??دي عرب جي گهري ڀائراڻن لاڳاپن جي اهميت کي اجاگر ڪيو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن خطي جي تازي اڳڀرائي ۽ غزه جي سنگين انساني صورتحال تي ??ڻ خيالن جي ڏي و?? ڪئي ۽ فوري جنگبندي ۽ اتي اسرائيلي ظلم بند ڪرڻ تي زور ڏنو.