بيجنگ – 15 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پ??ڏيهي وير محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪ چين دوستي علائقائي ۽ عالمي امن ۽ استحڪام جي لاءِ ضروري آهي، ڪشمير مسئلي جي منصفاڻي حل کانسواءِ خطي ۾ پائيدار امن ممڪن نه آهي، پاڪستان تائيوان ۽ ڏکڻ بحيره چين سميت سمورن بنيادي معاملن تي چين جي حمايت جاري رکندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ اس??ريٽجڪ ڊائيلاگ جي پنجين دور کانپوءِ چين جي پرڏيهي وزير وانگ زي سان ??ڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته سي پيڪ پاڪستان جي معاشي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، چين پاڪستان جي علائقائي سالميت، خودمختياري ۽ سلامتي تي پنهنجي حمايت جاري رکڻ جو ورجاءُ ڪيو، ڪشمير مسئلي تي چين جي مسلسل حمايت جا ٿورا ادا ڪريون ٿا. نائب وزيراعظم ۽ پ??ڏيهي وزير چين پاران ??رمجوشي تي ٻڌل استقبال کي ساراهيندي چيو ته منهنجي ۽ پ??ڪستاني وفد جي بهترين مهمان نوازي تي چيني قيادت جا ٿورا ادا ڪريان ٿو. هن چيو ته منهنجي چين جي نائب وزيراعظم سان مختلف موضوعن تي تعميري ۽ ڪارائتي ڳاله?? ٻولهه ٿي آهي، سي پيڪ، علائقائي، جاگرافيائي صورتحال سميت مختلف معاملن تي ڳاله?? ٻولهه ٿي. نائب وزيراعظم ۽ پ??ڏيهي وزير چيو ته ڳالهين ۾ پاڪستان ۽ چين جي ڪيترن ئي اهم معاملن تي اتفاق راءِ ٿيو، ايم ايل ون، گوادر بندرگاهه، کاڻين جي کوٽائي، آءِ ٽي، توانائي، زراعت ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ٿيو. محمد اسحاق ڊار چيو ته افغان عبوري حڪومت پنهنجي سرزمين تي دهشتگرد پناهگاهن کي ختم ڪري، شانگلا حملي جي ذميوارن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائينداسين، چين جي قيادت سان شانگلا حملي تي گهري ڏک ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. هن چيو ته شاهراهه قراقرم ٻنهي ملڪن جي واپاري لاڳاپن ۾ ڪرنگهي جي هڏي جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي، ايندڙ سال پاڪ چين مثالي دوستي جي 73 هين سالگرهه هوندي. ان موقعي تي چين جي پرڏيهي وزير وانگ زي چين جي ون چائنا پاليسي تي پاڪستاني موقف کي ساراهه جوڳو قرار ڏيندي چيو ته چين پاڪستان سان لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، ٻئي ملڪ اس??ريٽجڪ حصيدار آهن، پاڪ چين دوستي پهاڙ وانگر مضبوط آهي. هن چيو ته پاڪ چين لاڳاپا علائقائي امن ۽ خوشحالي جي لاءِ انتهائي اهميت رکندڙ آهن، نائب وزيراعظم جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ محمد اسحاق ڊار جو چين جو دورو اهميت رکندڙ آهي، نائب وزيراعظم کي چين جي دوري تي ڀليڪار چئون ٿا. چين جي پرڏيهي وزير چيو ته چين ۽ پ??ڪستان جي وچ ۾ دوستي وقت سان ??ڏوگڏ وڌيڪ مضبوط ٿي رهي آهي، چين ۽ پ??ڪستان جا لاڳاپا گڏيل اعتماد تي ٻڌل آهن.