بيجنگ – 15 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار بيجنگ ۾ چين جي ايگزيڪيوٽو نائب وزيراعظم ڊنگ زو??سيان سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ملاقات ۾ ٻنهي طرفن جا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير هن سال 26 مارچ تي شانگلا حملي تي چين جي ايگزيڪيوٽو نائب وزيراعظم سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ ڏوهارين کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ جي خاطري ۽ مارجي ويل چيني ڪارڪنن جي خدمتن کي ساراهيو. ٻنهي اڳواڻن سي پيڪ جي ٻئي مرحلي واپار، اقتصادي تعاون ?? سيڙپڪاري سميت ٻطرفن لاڳاپن جي مختلف رخن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن خنجراب بارڊر ڪرا??نگ جي ذريعي رابطن ۽ ويزا جي آسان نظام تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ تعاون جي سمورن شعبن ۾ پاڪ چين لاڳاپن جي وڌندڙ رفتار کي برقرار رکڻ ۽ پاڪ چين دوستي کي ??ڌيڪ گهرو ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار توانائي ۽ انفراسٽرڪچر ۾ سي پيڪ پاران اڳڀرائي جو جائزو ورتو. هن صنعت، زراعت ۽ معدني ترقي جي شعبن ۾ ٻئي مرحلي تحت مثبت منافعي تي اعتماد جو اظهار ڪيو. چين جي نائب وزيراعظم ڊنگ زو??سيان معيشت، واپار ۽ سيڙپڪاري سميت تعاون جي سمورن شعبن ۾ پاڪستان لاءِ چين جي مڪمل حمايت جو اظهار ڪيو ۽ گڏيل خوشحالي ۽ ترقي جي لاءِ سي پيڪ منصوبن تي تيزي سان عملدرآمد جي اهميت جو ورجاءُ ڪيو.