اسلام آباد – 20 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ تر??يه جي وچ ۾ مختلف شعبن خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري، ٽيڪنالاجي ۽ دفاعي شعبي ۾ پاڪستان پاران گڏيل تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار جي ڪاٿي کي 5 ارب ڊالر سالي??ني جي سطح تي آڻڻ جي لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم سان تر??يه جي پرڏيهي وزير هاڪان فيدان ملاقات ڪئي. پاڪستان ۽ تر??يه جي وچ ۾ خصوصي اهميت وارن ڀائراڻن لاڳاپن جي اهميت جو ذڪر ڪندي وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل لاڳاپن جي فروغ تي گهري اطمينان جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي مختلف شعبن خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري، ٽيڪنالاجي ۽ دفاعي شعبي ۾ پاڪستان پاران گڏيل تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ملاقات دوران وزيراعظم چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار جو ڪاٿو بهترين گڏيل لاڳاپن سان هم آهنگ نه آهي. وزيراعظم ايندڙ ٽن سالن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار جي ڪاٿي کي 5 ارب ڊالر سالي??ني جي سطح تي آڻڻ جي لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ان موقعي تي تر?? ڪمپنين کي پاڪستان ۾ پنهنجي سيڙپڪاري کي سگهه ڏيڻ جي دعوت ڏني. هن چيو ته اسان تر?? ڪمپنين کي پاڪستان ۾ پنهنجي صنعتن کي منتقل ڪرڻ جي لاءِ دعوت ڏئي رهيا آهيون. عالمي ۽ علائقائي حالتن خاص طور تي غزه ۾ خراب ٿيندڙ صورتحال تي پڻ ملاقات ۾ ڳالهه ٻولهه ٿي. وزيراعظم ترڪ ??در رجب طيب اردوان جي وچ اوڀر ۾ پائيدار امن جي قيام جي لاءِ غزه ۾ مڪمل جنگبندي جي حمايت کي پڻ ساراهيو. وزيراعظم وچ اوڀر ۾ مستقل امن جي لاءِ ٻه رياستي حل جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم ترڪ ??در رجب طيب اردوان کي پاڪستان جو جلد دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني. وزيراعظم ترڪ ??در کي هائي ليول اسٽري??جڪ ڪوآپريشن ڪائونسل جي ستين اعليٰ سطح جي اجلاس جي گڏيل صدارت جي دعوت جو پيغام پڻ ڏنو. ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن ٻنهي ملڪن جي قومي دلچسپي جي معاملن تي هڪ ٻئي جي ڀرپور حمايت جي عزم جو اظهار ڪيو.