اسلام آباد – 30 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان جي ٻئي مواصلاتي سيٽلائيٽ جي زمين جي مدار ۾ موڪلڻ تي پوري قوم کي مبارڪباد ڏيندي چيو آه?? ته اسان کي پنهنجي سائنسدانن جي ان شاندار ڪاميابي تي فخر آه??، پاڪستاني سيٽلائيٽ جو چين جي خلائي مرڪز مان موڪلڻ پاڪستان ۽ چين جي مضبوط حصيداري جو مظهر آه??. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي ٻئي مواصلاتي سيٽلائيٽ پاڪ پاڪ سيٽ ايم ايم ون جي زمين جي مدار ۾ موڪلڻ تي مون سم??ت پوري قوم کي پنهنجي سائنسدانن جي ان شاندار ڪاميابي تي فخر آه??. وزيراعظم چيو ته پاڪستاني سيٽلائيٽ پاڪ سيٽ ايم ايم ون جي زمين جي گرد مدار ۾ موڪلڻ سان پوري پاڪستاني قوم هڪ عظيم سنگ ميل عبور ڪري ورتو. هن چيو ته پاڪستاني سيٽلائيٽ جو چين جي شي چانگ سيٽلائيٽ لانچ سينٽر مان خلا ۾ موڪلڻ پاڪستان ۽ چين جي مضبوط حصيداري جو مظاهر آه??، اهڙن قدمن سان پاڪستان ۽ پاڪستاني عوام جدت ۽ ٽيڪنالاجي جي ثمرن مان فائدو کڻي سگهنداسين. وزيراعظم چيو ته سيٽلائيٽ نه رڳو پاڪستان جي مواصلاتي نظام ۾ هڪ نئُون روح ڦُوڪيندو پر ان سان پوري ملڪ ۾ تيز ترين انٽرنيٽ جي سهولت فراهم ڪري سگهبي، سيٽلائيٽ مواصلاتي نظام ۾ بهتري سان ا?? ڪامرس، اقتصادي سرگرمين ۽ اي گورننس ۾ بهتري ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو، پاڪستاني سيٽلائيٽ جو زمين جي مدار ۾ 36 هزار ڪلوميٽر جي فاصلي تي موڪلڻ اسپارڪو ۽ لاڳاپيل ادارن جي وڏ?? ڪاميابي آه?? جنهن تي پوري قوم انهن کي شاباس ڏي ٿي. هن چيو ته سيٽلائيٽ پاڪ سيٽ ايم ايم ون جو زمين جي مدار ۾ ڪاميابي سان پهچڻ پاڪستان جي شاندار مستقبل جي نويد آه??، الله تعاليٰ کان دعا آه?? ته سيٽلائيٽ پاڪ سيٽ ايم ايم ون ملڪ ۾ مواصلاتي نظام جي بهتري ۽ خلائي شعبي ۾ وڏين ڪاميابين جي نويد ثابت ٿئي.