اسلام آباد – 31 – مئي (اي پي پي) پاڪستان ۽ سينٽ لوشيا باضابطا طور تي سفارتي لاڳاپا قائم ڪري ڇڏيا آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پريس بريفنگ ۾ چيو ته پاڪستان ۽ سينٽ لوشيا جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ڪرڻ جي لاءِ نيويارڪ ۾ ??ڏي?? قومن ۾ پاڪستان جي مستقل مشن ۾ هڪ تقريب منعقد ڪئي وئي. سفارتي لاڳاپن جي معاهدي تي ??ڏي?? قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي سفير منير اڪرم ۽ سينٽ لوشيا مان ان جي هم منصب سفير مينيسا رامبلي لاڳاپيل ملڪن پاران ??ڏي?? پڌرنامي تي صحيحون ڪيون. ترجمان چيو ته گذريل ٽن سالن دوران پاڪستان پالائو، ڪريباتي، ڊومينيڪ ريپبلڪ، سينٽ ڪٽس ??ين?? نيوس ۽ ڊومينيڪا دولت مشترڪه سان سفارتي لاڳاپا قائم ڪ??ا آهن. ??ن چيو ته اهو فيصلو پاڪستان جي پنهنجي سفارتي پهچ کي وڌائڻ ۽ سڄي دنيا جي ملڪن سان تعاون کي وڌائڻ جي پختي عزم جي عڪاسي ڪري ٿو.