شي – آن – 08 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهب??ز شريف اڄ چيني صدر شي جن پ??گ جي اباڻي شهر شي – آن ۾ مصروف ڏينهن گذاريندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهب??ز شريف يانگلنگ ايگريڪلچرل ٽيڪنالاجي ڊيمانسٽريشن بيس جو دورو ڪندو جتي وزيراعظم ۽ پاڪستاني وفد کي ايس سي او ماڊرن ايگريڪلچر سينٽر جو دورو ڪرايو ويندو. وزيراعظم ۽ پاڪستاني وفد کي يانگلنگ ۾ جديد زراعت تي بريفنگ ۽ عملي مظاهري سان گڏوگڏ زراعت جي جديد فيڪٽري جو دورو پڻ ڪرايو ويندو. وزيراعظم سان شانسي صوبي جي پارٽي سربراهه (سيڪريٽري) جائو ايدا جي ملاقات ٿيندي. وزيراعظم محمد شهب??ز شريف پاڪستاني وفد سان گڏ چين جي ??ار??خي ورثي ٽيراڪوٽا واريئر ميوزيم جو دورو ڪندو جتي کيس ??ار??خي ورثي جي تحفظ ۽ بحالي ۽ سياحت جي فروغ جي حوالي سان بريفنگ ڏني ويندي.