اسلام آباد – 24 – جون (اي پي پي) وز??را??ظم محمد شهباز شريف ملڪ مان پوليو جي خاتمي جي پختي ع??م جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته پوليو جو خاتمو حڪومت جي اولين ترجيح آهي، پوليو ورڪرز کي تحفظ فراهم ڪرڻ جي لاءِ رياست جا سمورا وسيلا استعمال ۾ آندا ويندا، پوليو جي خاتمي جي لاءِ ڪئي ويندڙ ڪوششن جي ذاتي طور تي نگراني ڪندس. وز??را??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب وز??را??ظم محمد شهباز شريف سان گيٽس فائونڊيشن جي سربراهه بل گيٽس ملاقات ڪئي. بل گيٽس وز??را??ظم جي دعوت تي پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آهي. وز??را??ظم عالمي اقتصادي فورم جي هن سال رياض ۾ ٿيندڙ اجلاس جي موقعي تي بل گيٽس سان پنهنجي ملاقات دوران کيس پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني هئي. وز??را??ظم شهباز شريف بل گيٽس کي معاشي استحڪام حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڊيجيٽل مالياتي خدمتن ۾ اهم اڳڀرائي، صحت جي سهولتن تائين پهچ ۾ بهتري، موسمياتي تبديلي جي حوالي سان موافقت ۽ پوليو جي خاتمي جي حڪومتي ڪوششن بابت آگاهه ڪيو. وز??را??ظم معيشت کي ڊيجيٽائيز ڪرڻ جي حوالي سان پاڪستان حڪومت جي قدمن جي لاءِ گيٽس فائونڊيشن جي اڻٿڪ حمايت کي ساراهيو. هن چيو ته پوري حڪومتي ڍانچي جي هڪ ڊيجيٽلائيزڊ ايڪو سسٽم جي نتيجي ۾ اوڳاڙين ۾ اضافو ٿيندو جنهن سان گورننس کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي ۽ حڪومت عوامي ڀلائي جي اسڪيمن تي وڌيڪ خرچ ڪرڻ جي قابل ٿيندي. وز??را??ظم ??ن ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان حڪومت ۽ گيٽس فائونڊيشن ٻ??هي جا ڪيترائي هدف آهن جن ۾ صنفي فرق کي ختم ڪرڻ، صحت جي سهولتن تائين پهچ ۾ اضافي، غذائي تحفظ کي بهتر بڻائڻ، موسمياتي تبديلي جي حوالي سان موافقت ۽ مالياتي شموليت شامل آهي. وز??را??ظم گيٽس کي مختلف شعبن ۾ اڳڀرائي ۽ درپيش چئلينجن کان آگاهه ڪيو. پوليو جي خاتمي جي پروگرام جي لاءِ سڀ کان وڏو عطيو ڏيڻ تي گيٽس فائونڊيشن جا ٿورا مڃيندي وز??را??ظم پوليو وائرس جي وڌندڙ انفيڪشن جي خطرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هڪ مضبوط ۽ جامع حڪمت عملي ۽ پاڪستان ۾ ان بيماري کي مڪمل طور تي ختم ڪرڻ جي لاءِ گهربل قدمن کان آگاهه ڪيو. هن پوليو جي خاتمي جي پختي ع??م جو ورجاءُ ڪندي چيو ته ملڪ مان پوليو جو خاتمو حڪومت اولين ترجيح آهي. هن ??ن ڳالهه تي زور ڏنو ته پوليو ورڪرز کي تحفظ فراهم ڪرڻ جي لاءِ رياست جا سمورا وسيلا استعمال ۾ آندا ويندا. وز??را??ظم چيو ته جيستائين ملڪ مان پوليو جي مڪمل خاتمي تائين ان حوالي سان قومي سطح تي ڪئي ويندڙ ڪوششن جي ذاتي طور تي نگراني ڪندس. بل گيٽس ملڪ مان پوليو جي خاتمي جي حوالي سان مسلسل لگن ۽ ذاتي دلچسپي جي لاءِ وز??را??ظم جا ٿورا مڃيا. هن ان يقين جو پڻ اظهار ڪيو ته مسلسل ويڪسينيشن ۽ حڪومت جي پختي ع??م سان پوليو جي خاتمي جي مهم ۾ بهتري ايندي. بل گيٽس ڊيٽا سائنس ٽولز ۽ ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي کي پاڪستانين جي زندگين کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ اهم وسيلا قرار ڏنو. ٻ??هي ڌرين نه رڳو پوليو جي خاتمي پر سمورن صوبن ۾ صحت جي نظام کي مضبوط بڻائڻ ۽ سمورن پاڪستانين خاص طور تي عورتن جي ڀلائي ۽ خوشحالي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.