اسلام آباد -05 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي سان آزاد ڪشمير ??ي وزيراعظم چوڌري انوار الحق ملاقات ڪئي، جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ امن امان جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. محسن نقوي ۽ انوار الحق ڪشمير ??ي يوم استحصال جي ڏهاڙي تي ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ??ي عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن ڀارت جي 5 آگسٽ 2019ع واري غيرقانوني قدمن جي سخت مذمت ڪئي. گهرو وزير ??و چوڻ هو ته آزاد ڪشمير پاڪستان جي شهه رڳ آهي، ڀارت گڏيل قومن جي ٺهرائن ۽ عالمي قانونن جي سرعام ڀڃڪڙي ڪندي آ??ٽيڪل 370 ۽ 35 (اي) جو خاتمو ڪري ??شميرين جو بدترين استحصال ڪيو. گذريل پنجن سالن کان ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ ڪرفيو ۽ قلم 144 لاڳو آهي، 5 سالن ۾ هزارين بيگناهه ڪشميري شهيد ڪيا ويا آهن جن ۾ معصوم ٻار، بزرگ ۽ عورتون شامل آهن. هن چيو ته اڄ پوري قوم پرعزم انداز ۾ يوم استحصال ڪشمير ملهائي رهي آهي. ڏکڻ ايشيا جو جٽادار ام?? ڄمون ڪشمير ??ڪرار جي حل سان جڙيل آهي. آزاد ڪشمير ??ي وزيراعظم چيو ته 5 آگسٽ کي دنيا آڏو هندستان جو مڪروهه چهرو بي نقاب ٿيو. ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ عالمي تنظيمن سميت عالمي ميڊيا جي داخل ??يڻ تي پڻ پابندي پيل آهي. وقت اچي ويو آهي ته عالمي برادري، گڏيل قومون ۽ انساني حقن جون تنظيمو?? ڄمون ڪشمير ۾ ٿيندڙ ناانصافين ۽ ظلم جو تدارڪ ڪن. گهرو وزير محسن نقوي آ??اد ڪشمير ۾ امن لاءِ هر ممڪن سهڪار جي خاطري ??رائي. سندس چوڻ هو ته آزاد ڪشمير ۾ امن لاءِ اڳ ۾ به ڀرپور سهڪار ڪيو هو. اڳتي به سهڪار جاري رکنداسين. آزاد ڪشمير ??ي سيڪيورٽي بابت ضرورتن کي پورو ڪيو ويندو. آزاد ڪشمير ??ي وزيراعظم امن لاءِ سهڪار تي گهرو وزير ??و شڪريو ادا ڪيو.