اسلام آباد -24 آگسٽ (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف اي پروڪيورمينٽ منصوبي کي هڪ مه??ني ۾ مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي، ته پروڪيورمينٽ جي عمل جي حوالي سان شڪايتن ۽ خدشن جي حل جي نظام کي موثر بڻائڻ لاءِ ٿرڊ پارٽ?? ويليڊيشن ڪرائي وڃي، وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري پريس رليز موجب وزيرا??ظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ اليڪٽرانڪ پروڪيورمينٽ، اي- پاڪ ايڪيوزيشن اينڊ ڊسپوزل سسٽم جي حوالي سان اجلاس منعقد ٿ??و. ??ن ??وق??ي تي وزيرا??ظم چيو ته حڪومت سمورن خريدارن جي حوالي سان شفاف طريقو لاڳو ڪرڻ لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي. وزيرا??ظم پروڪيورمينٽ جي عمل جي حوالي سان شڪايتن ۽ خدشن جي حل جي نظام کي موثر بنائڻ لاءِ ان جي ٿرڊ پارٽ?? ويليڊيشن جي هدايت ڪندي چيو ته پروڪيورمينٽ جي عمل جي حوالي سان شڪايتن ۽ خدشن جي حل جي نظام کي پروڪيورنگ ايجنسي جي ماتحت نه هئڻ گهرجي، ان حوالي سان قاعدن ۽ ضابطن ۾ ترميم لاءِ قدم کڻڻ گهرجن. وزيرا??ظم 2 بلين روپين کان وڌيڪ جي سمورن ترقياتي منصوبن کي ٿرڊ پارٽ?? ويليڊيشن ڪرائڻجي هدايت ڪئي. وزيرا??ظم کي اي-پروڪيورمينٽ تي بريفنگ ڏني وئي. وزيرا??ظم منصوبي تي عملدرآمد ۾ سستي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. وزيرا??ظم ڪم جي معيار ۽ ان پراسس جي مڪمل نه هئڻ تي به ناراضگي جو اظهار ڪندي هڪ مه??ني ۾ منصوبي کي مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيرا??ظم کي بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته اي پروڪيورمينٽ جو منصوبو پبلڪ پروڪيورمينٽ ريگيوليٽري ورلڊ بيئنڪ جي فنڊنگ سان 2017ع ۾ شروع ڪيو، اي پروڪيورمينٽ جي منصوبي جي مڪمل لاڳت 45 ملين آمريڪي ڊالرز آهي. وفاقي حڪومت جي 37 وزارتن ۽ 301 پروڪيورنگ ايجنسين ۾ اي پروڪيورمينٽ لاڳو ٿي چڪو آهي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته پي پي آر اي طرفان پروڪيورنگ ايجنسين جي 8988 آفيشلز کي اي پروڪيورمينٽ جي تربيت ڏني وئي آهي، وفاقي حڪومت جو اي پروڪيورمينٽ جي حوالي سان ڳاڻيٽو تقريبن 1551 بلين روپيا آهي، اي پروڪيورمينٽ جي حوالي سان پنجاب، سنڌ، خيبر پختونخوا ۽ آزاد ڄمن ڪشمير جي حڪومتن سان مفاهمتي يادداشتن تي صحيحيون ٿي چڪيون آهن. اجلاس ۾ وفاقي وزير احد خان چيمه، ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب، پيٽروليم واري وزير مصدق ملڪ، وزيرا??ظم جي ڪو آرڊينيٽر رانا احسان افضل ۽ لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي.