اسلام آباد – 26 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان اسڪوائش جي ناليواري رانديگر ۽ اڳوڻي عالمي ۽ برٽش اوپن چيمپيئن جان شير خان ملاقات ڪئي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدار?? کي جان شير خان جي علاج جي حوالي سان هر ممڪن قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب و??يراعظم محمد شهباز شريف جان شير خان سان ڳالهائيندي چيو ته ??لڪ ۾ اسڪوائش جي راند کي مقبول بڻائڻ ۽ ان راند جي فروغ جي لاءِ توهان جون خدمتون سار??هه جوڳيون آهن، توها?? کي پنهنجي راند جي ذريعي پاڪستان جو نالو پوري دنيا ۾ روشن ڪيو. وزيراعظم چيو ته پوري قوم کي توهان جي ڪاميابين تي فخر آهي، حڪومت ??لڪ ۾ اسڪوائش سميت سمورن رانديگ??ن جي فروغ جي لاءِ خاطرخو??هه قدم کڻي رهي آهي. وزيراعظم چيو ته نوجوان?? کي راندين جي ميدان ۽ اسپورٽس جي بهترين سهولتن جي فراهمي حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي.