اسلام آباد -02 سيپٽمبر (اي پي پي ) ربيع الاول 1446هه جو چنڊ ڏسڻ لاءِ مرڪزي چنڊ ڏسڻ?? ڪميٽي جو اجلاس (اربع ) ڏينهن 4 سيپٽمبر اسلام آباد ۾ طلب ڪيو و??و آهي. اجلاس جي صدارت ڪميٽي جو چيئر مين مولانا عبدالخبير آزاد ڪندو. مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان موجب زون?? ۽ ??لعي چنڊ ڏسڻ?? ڪميٽين جا اجلاس پنهنجن پنهنجن هنڌن تي ٿيندا. چنڊ نظر اچڻ يا نظر نه اچڻ جي حوالي سان اعلان مرڪزي چنڊ ڏسڻ?? ڪميٽي جو چيئر مين مولانا عبدالخبير آزاد سڄي ملڪ مان مليل شاهدين کي نظر ۾ رکي ڪندو. اجلاس مذهبي معاملن واري وزارت ڪوهسار ڪامپليڪس ۾ شام جو 5 وڳي منعقد ٿيندو. موسميات کاتي مان چيف ميٽرو لاجسٽ ڊاڪٽر سرفراز، اسپارڪو مان غلام مرتضيٰ مرڪزي چنڊ ڏسڻ?? ڪميٽي جي فني مدد ڪندا.