اسلام آباد – 02 – سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سين??ٽر محمد اسحاق ڊار هڪ خوشحال معاشري جي جوڙجڪ جي لاءِ ت??ليم کي اهميت ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ايندڙ نسلن جي روشن مستقبل جي لاءِ ت??ليم جي شعبي ۾ ڀرپور ڪوششون ڪرڻ گهرجن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ف??رن آفيس وومينز ايسو??يئ??شن جي سرٽيفڪيٽ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. نائب وزيراعظم چيو ته موجوده حڪومت ان سلسلي ۾ تمام گهڻيون ڪوششون ڪري رهي آهي ۽ هلندڙ مالياتي بجيٽ ۾ ان تعليم جي شعبي جي لاءِ وڏي رقم رکي آهي. هن تعليم حاصل ڪرڻ جي اهميت بابت اسلامي تعليمات جو پڻ حوالو ڏنو. نائب وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته انساني امداد ۽ مدد جي لاءِ وقف ٻين تنظيمن ۽ اد??رن کي پڻ ماڻهن کي درپيش مالي، صحت ۽ تعليم جي مسئلن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي جن کي پاڪستان ف??رن آفيس وومينز ايسو??يئ??شن جهڙين تنظيمن جي ذريعي قائم ڪيل مثالن تي عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي. محمد اسحاق ڊار عوامي ڀلائي جي لاءِ پاڪستان ف??رن آفيس وومينز ايسو??يئ??شن جي تعاون کي پڻ ساراهيو ۽ چيو ته کيس اهو ڄاڻي خوشي ٿي ته ايسو??يئ??شن ضرورتمند ۽ مستحق ماڻهن جي مدد جي لاءِ پليٽ فارم جي طور تي ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته تنظيم شاگردن کي ماسٽرز ۽ پي ايڇ ڊي جي تعليم کانسواءِ اسڪالرشپ فراهم ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪري رهي آهي جيڪو نه رڳو هڪ بهتر قدم آهي پر انسانيت جي حقيقي خدمت آهي جنهن جو آخرت ۾ بي پناهه اجر آهي. نائب وزيراعظم ان ڳالهه تي اطمينان ۽ خوشي جو اظهار ڪيو ??ه وزارت ۾ اهڙي سوچ موجود آهي جيڪا هڪ خاندان وانگر آهي. پاڪستان ف??رن آفيس وومينز ايسو??يئ??شن بيواهن ۽ اقليتن کي ڪيترين ئي اسڪالرشپ ۽ ٻي مالي امداد کانسواءِ ٻ??رن کي اسٽيشنري ۽ اسڪول بيگ فراهم ڪيا آهن جڏهن ته ان قدرتي آفتن کان متاثر علائقن جي لاءِ پڻ تعاون ڪيو آهي. نائب وزيراعظم چيو ته 2020ع دوران هن يتيمن جي ڪفالت جي لاءِ ٻه تنظيمون قائم ڪيون جتي 100 جي لڳ ڀڳ ٻار تعليم حاصل ڪري رهيا آهن جڏهن ته ٻيو ادارو تعليم ۽ صحت جي شعبن ۾ مدد فراهم ڪري رهيو آهي.