اسلام آباد-05 سيپٽمبر (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو آهي ته موٽر ويز ۽ هاءِ ويز جي سروس ايريا?? ۾ ??يون مهانگيون ٿيڻ جو نوٽيس ورتو وڃي. گذريل ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ موٽر ويز ۽ هاءِ ويز جي سروسز ايرياز ۾ کاڌي پيتي جون شيون مهانگيون ٿيڻ جي معاملي تي آسيه ناز تنولي ج?? ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي وفاقي وزير عبدالعليم خان ايوان کي ٻڌايو ته اها حقيقت آهي ته انهن ايريا?? ۾ ??گهه وڌيڪ آهن، پرائيس چيڪنگ اختيار ضلعي ۽ صوبائي انتظاميه جو آهي، وزارت ضلعي انتظاميه جي سهڪار سان چيڪنگ پڻ ڪئي آهي. هن چيو ته ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ويندو ته سروسز ايريا?? ۾ ??ين جا اگهه ۽ معيار معمول موجب هجي ۽ ان حوالي سان قدم کنيا ويندا. زهره ودود فاطم?? جي سوال تي هن چيو ته چيڪنگ جا اختيار مقامي ميجسٽريٽ وٽ هوندا آهن، جيڪڏهن انهن ايرياز ?? معيار موجب شيون نه هونديون ته انهن خلاف ڪارروائي ٿيندي، اگهن کي معمول تي آڻڻ لاءِ قدم کنيا ويندا. وفاقي وزير چيو ته انهن ايرياز ۾ هاڻي برانڊز پنهنجا آئوٽ ليٽس کوليا آهن، ابرابر احمد ج?? سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ضلعي انتظاميه سميت وزارت پڻ چيڪنگ جي حوالي سان هڪ طريقيڪار تيار ڪندي، هن چيو ته جي ٽي رو?? جي حالت صحيح ڪرڻ ت?? ڌيان ڏنو پيو وڃي.