اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسٽيٽ بئنڪ پاران پاليسي ريٽ ۾ 2 سيڪڙو جي گهٽتائي کي خوش آئنده قرار ڏيندي چيو آه?? ته ان سان ڪاروبار ۽ معيشت کي فائدو ٿيندو، دعا آه?? ته مهانگائي وانگر پاليسي ريٽ به سنگل ڊيجٽ ۾ اچي وڃي جنهن سان ملڪ ۾ معاشي سرگرمين کي هٿي ملندي، آءِ ايم ايف سان ڳالهه ٻولهه مثبت انداز ۾ اڳتي وڌي رهي آه??، غزه ۾ اسرائيلي جارحيت تي عالمي ضمير خاموش آه??، پاڪستان اسرائيلي قدمن جي مذمت ڪري ٿو. وزيراعظم محمد شهباز شريف اهڙن خيالن جو اظهار وفاقي ڪابينا جي اجلاس دوران ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته ڪابينا اجلاس جي شروعات پاليسي ريٽ ۾ گهٽتائي جي سٺي خبر سان ٿي رهي آه??، پاليسي ريٽ 2 سيڪڙو گهٽ ٿي 17.5 سيڪڙو تي اچي ويو آه?? جنهن سان ڪاروبار، زراعت ۽ قومي معيشت کي فائدو ٿيندو. وزيراعظم چيو ته الله ڪري اهو ڏينهن به اچي ته ناڻي واڌ وانگر پاليسي ريٽ به سنگل ڊيجٽ ۾ اچي وڃي، ان سان پاڪستان جي معيشت کي چار چنڊ لڳي ويندا. هن چيو ته قدم بقدم بهتري اچي رهي آه?? ۽ مسلسل آهستي ڀڄندڙ ئي ريس کٽيندو آه?? وانگر پاليسي ريٽ ۾ 2 سيڪڙو جي گهٽتائي سٺي گهٽتائي آه??، ان سان اسان جي صنعت، سيڙپڪاري، واپار، روانگي واپار، زراعت سڀني ۾ بي پناهه فائدو ٿيندو. وزيراعظم چيو ته اسان پوري ڪوشش ڪ??ي آءِ ايم ايف سان ڳالهه ٻولهه کي سٺي طريقي سان اڳتي وڌائي رهيا آه??ون، اميد ڪرڻ گهرجي ته جڏهن اهو پروگرام ٿي وڃي ته ان کانپوءِ اسان پنهنجي واڌويجهه جي شرح ۾ اضافي جي لاءِ قدم کڻنداسين، پاور سيڪٽر ۽ ايف بي آر ۾ سڌارا متعارف ڪرايا پيا وڃن، ايف بي آر ۾ بي پناهه قدمن جي ضرورت آه??، ايف بي آر چيئرمين کي بهتري جي لاءِ وقت ڏئي رهيا آه??ون، ان سان ملاقات ڪندس ته ه??فن جو تعين ڪري سگهبو. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته آءِ ايم ايف جي حوالي سان اسان جي دوست، ڀائر ملڪن جن سان چولي دامن جو ساٿ آه??، انهن پوري طرح اسان جو ساٿ ڏنو آه??، انهن جيڪو ڪجهه ڪيو آه?? اهو ائين ئي آه?? جيئن هڪ ڀاءُ پنهنجي ڀاءُ ۽ دوست پنهنجي دوست جي لاءِ ڪري ٿو، انهن ملڪن گذريل وانگر هن ڀيري به ٻيهر انهي تاريخ کي ورجايو آه?? ۽ پاڪستان جو پورو ساٿ ڏنو آه??، اهي معاملا اهڙي طرح نٿا هلي سگهن، ا??ان کي قرضن مان جان ڇڏرائڻي پوندي، پنهنجي پيرن تي بيهڻو پوندو، ا??ان هڪ ائٽمي قوت آه??ون پر هر روز قرضن جي درخواستن سان اهميت ۾ گهٽتائي ٿئي ٿي. هن چيو ته اها ڪا راڪيٽ سائنس نه آه?? پر عام ۽ سادي ڳالهه آه??، انهن معاملن تي پاڪستان حڪومت مڪمل لگن سان ڪوششون ڪري رهي آه??، جڏهن موقعو ايندو ته تفصيل سان ٻڌايو ويندو، آءِ ايم ايف جي مطالبن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ ناڻي واري وزير، ڪابينا، ا??ارن جي سربراهن سميت لاڳاپيل عملدارن ڀرپور ڪوشش ڪئي آه?? ۽ انشاءَالله ان ۾ ڪاميابي ٿيندي، چين سميت پرڏيهي آفيس ۽ ٻين دوستن پڻ ڀرپور مدد ڪئي آه??. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته فلسين ۾ اسرائيل جي ڏاڍ ۽ قتل عام جاري آه??، معصوم ماڻهن کي شهيد ڪيو پيو وڃي، اهو انساني تاريخ جو ڪارو ترين باب آه??، افسوسناڪ ڳالهه اها آه?? ته عالمي ضمير ان حوالي سان خاموش آه??، گڏيل قومن، سلامتي ڪائونسل، هيگ ۾ جيتريون به قراردادون پاس ٿيون ۽ فيصلا ٿيا ان جي اسرائيل قطعي طور تي پرواهه نه ڪئي، ان کي رديءَ جي ٽوڪري ۾ اُڇلي ڇڏيو آه??، عالمي طاقتون خاموش آه??، يقينن انهن جنگبندي جون ڪوشش ڪيون ۽ قراردادون پاس ڪرايون پر انهن تي ڪيترو عملدرآمد ٿيو؟ ان جو نتيجو آه?? ته گڏيل قومن جي ريليف جي 6 ڪارڪنن کي اڄ قتل ڪيو ويو، اها حالت آه?? جو گڏيل قومن جو عملو جيڪو پوليو ۽ خوراڪ جو ڪم ڪري رهيو آه?? ان کي به قتل ڪيو ويو آه??، جيڪڏهن ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ ائين ٿئي ته ڪهرام مچي وڃي. وزيراعظم چيو ته اتي روزانو معصوم مسلمان شهيد ٿي رهيا آه??، ماضي ۾ به پاڪستان اسرائيلي جارحيت جي ڀرپور مذمت ڪئي آه?? ۽ اڄ ٻيهر ان جي شديد مذمت ڪري ٿو پر معاملو هاڻي مذمت کان اڳتي نڪري چڪو آه??، عالمي ضمير کي جاڳڻ گهرجي ۽ پنهنجو فرض ادا ڪرڻ گهرجي.