اسلام آباد – 30 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ??ري?? جي دعوت تي ملائيشيا جو وزيراعظم داتوسري انور ابراهيم 2 کان 4 آڪٽوبر تائين پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ساڻس گڏ وزيرن، نائب وزيرن ۽ سينيئر عملدارن تي ٻڌل اعليٰ سطح جو وفد پڻ هوندو. وزيراعظم داتوسري انور ابراهيم وزيراعظم محمد شهباز ??ري?? ??ان ملاقات ڪندو. بيان موجب ٻئي ڌريون واپار، راب??ن، توانائي، زراعت، حلال صنعت، سياحت، ثقافتي مٽاسٽا ۽ عوامي رابطن سميت متنوع شعبن ۾ پاڪستان ۽ ملائيشيا جي لاڳاپن کي وڌيڪ م??تح??م ڪرڻ جي وسيع ايجنڊا تي خيالن جي ڏي وٺ ڪنديون، هو علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪندا. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ تاريخ، ثقافت ۽ عقيدي ??ان ڳنڍيل مضبوط ٻطرفا لاڳاپا آهن. هي دورو پاڪستان ملائيشيا لاڳاپن کي وڌيڪ م??تح??م ڪرڻ جو هڪ اهم موقعو فراهم ڪندو.