استنبول-22 آڪٽوبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي و??ير محسن نقوي استنبول ۾ عالمي ايڪسپو ۾ شرڪت ڪئي. وفاقي و??ير ٻين ملڪن جي نمائندن سان گڏ انٽرنيشنل ايڪسپو 2024ع جو افتتاح ڪيو. عالمي ايڪسپو پهچڻ تي ترڪيه جي اعليٰ عملدارن وفاقي و??ير محسن نقوي جي آجيان ڪئي. وفاقي و??ير چيف آف دي ترڪش جنرل اسٽاف ميٽن گورڪ سان ملاقات ڪئي. گهرو وزير، جنرل ميٽن گورڪ کي ع??لمي ايڪسپو جو بندوبست ڪرڻ تي کيس مبارڪون ڏنيون ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. جنرل ميٽن گورڪ انٽرنيشنل ايسڪپو ۾ پاڪستان جي نمائندگي تي وفاقي و??ير محسن نقوي جو شڪريو ادا ڪيو. وفاقي و??ير ٻين ملڪن جي نمائندن سان گڏ ايڪسپو جو دؤر?? ڪيو. گهرو و??ير ايڪسپو ۾ لڳايل پاڪستان آرڊيننس فيڪٽريز جي اسٽال جو پڻ معائن?? ڪيو ۽ پاڪستاني اسٽال سنڀاليندڙن سان ملاقات ڪئي ۽ ايسڪپو ۾ رکيل پاڪستاني اوزارن جي تعريف ڪئي. گهرو و??ير ايڪسپو ۾ رکيل جديد اوزارن ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ايڪسپو ۾ جديد مشينري ۽ اوزار ڏسي مون کي خوشي ٿي ??هي. هن وڌيڪ چيو ته ”انٽرنيشنل ايڪسپو 2024ع“ دوست ملڪن ۾ گڏيل تعاون وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿي??دو. ترڪيه ۾ پاڪستان جي سفير يوسف جنيد ۽ ٻيا اعليٰ عملدار پڻ ان موقعي تي موجود هئا. ان کان اڳ وفاقي و??ير اهم دؤري تي ترڪيه پهتو ته استنبول ايئرپورٽ تي پاڪستان جي سفير، ترڪيه جي گهرو وزارت جي ڊي جي مهمت عليدي ۽ اعليٰ عملدارن سندس شاندار استقبال ڪيو. وفاقي ترڪيه ڪابينه جي وزيرن ۽ مرڪزي قيادت سان ملاقاتون ڪ??دو. گهرو و??ير چيو ته ترڪيه جي دؤري دوران گڏيل سهڪار کي مضبوط بنيادن تي هٿي ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي. بارڊر مئنجمينٽ، انساني اسمگلنگ جي روڪٿام لاءِ ٻه طرفي سهڪار وڌائڻ جي امڪانن تي ترڪيه جي وزيرن ۽ ليڊرشپ سان ڳالهيون ٿينديون. هن چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ۾ بهترين ڀائراڻا لاڳاپا آهن، ترڪيه هميشه پاڪستان جو ساٿ ڏنو ??هي. هن چيو ته دؤري جو مقصد پاڪ- ترڪيه لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ??هي.