اسلام آباد- 21 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق، سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جي نامزدگي لاءِ خاص ڪميٽي ??ي قيام لاءِ سي??يٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني، پاڪستان مسلم ليگ (ن)، پيپلز پارٽي، ايم ڪيو ايم ۽ سني اتحاد ڪائونسل کي خط اماڻي ڇڏيا ??هن. سومر ڏينهن قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ مطابق اسپيڪر اياز صادق طرفان لکيل انهن خطن ۾ آئين جي آرٽيڪل 175 جي ذيلي شق 3 (اي) جو حوالو ڏ??ندي چيو ويو آهي ته خاص ڪميٽي ۾ 8 قومي اسيمبلي جا ميمبر ۽ 4 سي??يٽ جا ميمبر شامل هوندا. آئين جي آرٽيڪل 175 (اي) جي ذيلي شق 3 (بي) تحت پارليامنٽ ۾ نمائندگي جي تناسب سان پارلياماني ليڊر پنهنجي پنهنجي پارٽي مان خاص ڪميٽي ??ي قيام لاءِ ميمبر نامزد ڪري. سي??يٽ مان به اهڙي طرح خاص ڪميٽي ۾ 4 ميمبر شامل ڪيا ويندا. ڪميٽي سپريم ڪورٽ جي ٽن سي??ئر ترين ججن مان چيف جسٽس آف پاڪستان جي نامزدگي ڪندي.