اسلام آباد-20 آڪٽوبر (اي پي پي) سڌ سماءَ، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطا الله تارڙ چيو آهي ته ??ئيني ترميمن تي ڪو ڪم تڪڙ ۽ جلدي بازي ۾ ناهي ٿيو، ان تي سير حاصل ڳالهه ٻولهه ٿي، سمورين سياسي پ??رٽين س??ن مشاورت جمهوري عمل جو حسن آهي، ڪنهن سياسي پ??رٽي کي مشاورت جي عمل کان ٻاهر نه رکيو ويو. ڪالهه آچر ڏينهن قانون واري وفاقي وزير، اعظم نذيرتارڙ سان گڏ پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير عطا الله تارڙ آئيني پيڪيج جي ڪابينا مان منظوري کي قوم لاءِ هڪ اهم سنگ ميل قرار ڏيندي چيو ته ??ڄ پاڪستان جي عوام، رياست ۽ پارليامينٽ لاءِ تاريخي ڏينهن آهي. 1973ع جي آئين ۾ پارلياماني جمهوريت متعارف ڪرائي وئي هئي، پارليامينٽ جي بالادستي جي حوالي سان آئين بلڪل واضح آهي. هن چ??و ته پارليامينٽ جي خودمختياري جو جيڪو تصور آئين ۾ ڏنو ويو هو، ان طرف اهو تمام وڏو قدم آهي. وفاقي وزير چيو ته ??ڏهن شهيد محترمه بينظير ڀٽو ۽ نواز شريف وچ ۾ چارٽر آف ڊيموڪريسي تي صحيحون ٿيون هيون ته ??وام کي سستي ۽ فوري انصاف جي فراهمي کي آسان بڻائڻ جو معاملو ان ۾ شامل هو. هن چيو ته ??ياسي معاشرن ۾ سياسي ملاقاتون جمهوريت جو حسن هونديون آهن، سمورين سياسي پ??رٽين وچ ۾ آئيني ترميمن تي ملاقاتن جو سلسلو جاري رهيو. هن چ??و ته ڪابينا قانون واري وزير جي ڪوششن کي ساراهيو. هن گذريل اڍائي مهينن دوران ان تي وڏي محنت ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف سمورين اتحادي پ??رٽين جو ٿورو به مڃيو آهي. بلاول ڀٽو زرداري جو خصوصي طور تي شڪريو ادا ڪيو آهي جنهن آئيني ترميمن لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن چ??و ته ڪابينا نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار، راڻا ثناءُ الله، نويد قمر، شيري رحمان سميت ٻين اڳواڻن جو به ٿورو مڃيو جنهن آئيني ترميمن جي حوالي سان پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪيو. وفاقي وزير چيو ته ??سان پنهنجي منشور ۽ چارٽر آف ڊيموڪريسي ۾ جيڪي واعدا ڪيا هئا اهي اڄ پورا ٿي رهيا آهن، عدليه ۾ مقرري جو عمل هجي يا احتساب جو معاملو، ان کي وڌيڪ شفاف بڻايو پيو وڃي. هن چ??و ته موسمياتي تبديلي تمام وڏو چئلينج آهي، اسان جو زهريلي گئسن جي نيڪال ۾ حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي پ?? موسمياتي تبديلي جو سڀ کان وڌيڪ نقصان پاڪستان کي ڀوڳڻو پيو آهي. هن چ??و ته موسمياتي تبديلي جي حوالي سان صوبن س??ن تعاون کي بهتر بڻائڻ ۽ موسمياتي تبديلي جي چئلينج کي بهتر طريقي سان منهن ڏيڻ لاءِ آئيني پ??ڪيج ۾ شق رکي وئي آهي.