سرينگر-25 آڪٽوبر (اي پي پي) ڪنٽرول لائن جي ٻنهي پاسن ۽ سڄي دنيا ۾ ترسيل ڪشميري 27 آڪٽوبر کي ڪاري ڏينهن طور ملهائيندا ته جيئن دنيا کي اهو واضح پيغام ڏئي سگهجي ته ڀارت سندن مادر وطن تي غير قانوني طور تي سندن خواهشن خلاف قبضو ڪري رکيو آهي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب 27 آڪٽوبر 1947ع تي ڀارت ننڍي کنڊ جي ورهاڱي جي فارمولي جي کليل خلاف ورزي ۽ ڪشمي??ين جي امنگن خلاف سرينگر جي هوائي اڏي تي پنهنجي فوج لاهي ڄمون ڪشمير تي قبضو ڪري ورتو هو. ڪاري ڏينهن جي موقعي تي آ??اد ڪشمير، پاڪستان ۽ سڄي دنيا ۾ احتجاجي مارچ، ريليون ۽ سيمينار منعقد ڪيا ويندا. ان موقعي تي بي جي پي جي هندوپرست حڪومت طرفان 5 آگسٽ 2019ع تي ڄمون ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪرڻ جي به مذمت ڪئي ويندي. ڪارو ڏينهن ملهائڻ جو سڏ ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس ڏنو آهي ۽ ٻين آ??اد پسند تنظيمن ان جي حمايت ڪئي آهي. حريت اڳواڻن ڪشمي??ين تي زور ڀريو آهي ته هو ڪارو ڏينهن ملهائي دنيا تي واضح ڪن ته ڄمون ڪشمير جي ڀارتي ڏاڍ کان آزادي تائين پنهنجي آزادي جي جدوجهد ??اري رکندا. هن عالمي برادري تي زور ڀريو ته هو ڪشمير تڪرار جي حل لاءِ ڪردار ادا ڪري ۽ ڪشمي??ين کي درپيش انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين ۽ سياسي ناانصافين جو نوٽيس وٺي ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڪشمي??ين کي سندن خود اراديت وارو حق ڏيارڻ لاءِ ڀارت تي دٻاءُ وجهي. سرينگر، بارهموله، پلوامه، اسلام آباد، ڪولگام، ڪپواڙه ۽ ڄمون ڪشمير جي ٻين حصن ۾ پوسٽر لڳايا ويا آهن جن ۾ ڪشمي??ين تي زور ڀريو ويو آهي ته هو پنهنجي مادر وطن تي ڀارت جي غير قانوني قبضي خلاف آچر ڏينهن مڪمل هڙتال ڪن. پوسٽرن تي ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي چيئرمين مسرت عالم بٽ، شبير احمد شاه، محمد ياسين ملڪ، مير واعظ عمر فاروق ۽ مشتاق الاسلام سميت سينئر حريت اڳواڻن جون تصويرون موجود آهن. پوسٽر سماجي رابطن جي ويب سائٽس، ايڪس، فيس بڪ ۽ واٽس ا??پ تي به اپ لوڊ ڪيا ويا آهن.