اسلام آباد-15 نومبر (اي پي پي) آءِ ٽي بابت مملڪتي وزير شزه ف??طمه خواجه سان پاڪستان ۾ الجير??ا جي سفير ابراهيم روماني ملاقات ڪئي. هتي جاري بيان موجب ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن، اسٽارٽ اپس، سائبر سيڪيورٽيءَ جي ميدان ۾ ناتن کي هٿي ڏيڻ تي ڳالهائيندي مملڪتي وزير چيو ته پ??ڪستان الجيريا سان ناتن کي وڏي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. پاڪستان، الجير??ا جي آءِ ٽي، ٽيليڪام سيڪٽر ۾ ناتا تمام اهم آهن، الجريا، پاڪستان جي ٽيڪ جي ميدان ۾ تجربن مان فائدو کڻي سگهي ٿو. شزه ف??طمه چيو ته پ??ڪستان، الجيريا وچ ۾ اسٽوڊنٽس، اسٽارٽ اپس، انٽر پرينيوئر جي مٽاسٽا ٻنهي ملڪن لاءِ فائديمند ثابت ٿيندي. پاڪستان، الجير??ا جي نوجوانن لاءِ آءِ ٽي ٽريننگ پروگرامز جو بندوبست ڪري سگهي ٿو. شزه ف??طمه چيو ته آءِ ٽي ۽ ٽيليڪام جي حوالي سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ جوائنٽ ورڪنگ گروپ جو هئڻ تمام ضروري آهي. چاهيون ٿا ته پ??ڪستان، الجير??ا جي ٽيڪ ڪمپنين، اسٽارٽ اپس جو گڏيل سيمينار جلد منعقد ٿئي. الجير??ا جي سفير چيو ته سندس ملڪ پاڪستان سان آءِ ٽي ۽ ٽيليڪام سيڪٽر ۾ ناتن ۾ واڌ جو خواهشمند آهي. پاڪستان جي آءِ ٽي ۽ ٽيليڪام سيڪٽر ۾ ترقي تعريف جوڳي آهي.