مظفر ڳڙهه -04 ڊسمبر (اي پي پي) سين??ٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته زراعت پاڪستاني معيشت ۾ ڪرنگهي واري حيثيت رکي ٿي، حڪومت ان جي ترقي لاءِ ٺوس قدم کڻي رهي آهي. اهڙو ا??ها?? هن مظفر ڳڙهه ۾ سيمسن زرع?? فارم جي دوري دوران ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي هن چيو ته حڪومت زراعت کي هٿي ڏيڻ لاءِ ٺوس قدم کڻي رهي آهي. زراعت پاڪستاني معيشت ۾ ڪرنگهي جي هڏي وارو درجو رکي ٿي. سين??ٽ چيئرمين زرع?? فارم ۾ سينٽرل پيوٽ سسٽم (Central Pivot System) جو به افتتاح ڪيو. اهو سسٽم 210 ايڪڙن تي مشتمل ان فارم جي پيداوار ۾ اضافي لاءِ ڪم ايندو. يوسف رضا گيلان?? فارم ۾ ٻوٽو لڳايو ۽ دعا ڪئي. ان موقعي ت?? ڪنسلٽنٽ ڊائريڪٽر شاهد احمد خان ۽ بئريسٽر منصور شاه?? کيس فارم جي باري ۾ بريفنگ ڏني، ان موقعي تي مظفر ڳڙهه ڪوٽ ادو ضلعي جي ڊپٽي ڪمشنر سيد منور عباس، ڊي پي او ۽ انتطاميه جا ٻيا آفيسر به موجود هئا.