راولپنڊي-08 جنوري (اي پي پي) برطانوي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ بچاءَ، دفاعي پيداوار ۽ هوابازي بابت وفاقي وزير خواجه محمد آصف سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻنهي اڳواڻن پاڪ- برطانيه ناتن ۽ گڏيل سهڪار کي وڌ??ڪ مضبوط بڻائڻ تي خيالن جي مٽاسٽا ڪئي وئي. دفاع واري وزارت مان جاري بيان موجب وفاقي وزير ان موقعي تي چيو ته پا??ست??ن برطانيه سان پنهنجن ناتن کي انتهائي اهميت ڏئي ٿو، ڇاڪاڻ ته اهي ناتا عالمي امن ۽ سلامتي جي گڏيل مقصدن سان ڳنڍي?? آهن. هن چيو ته برطانيه ۾ رهندڙ پا??ست??نين جو وڏو انگ ٻنهي ملڪن وچ ۾ هڪ مضبوط پُل جو ڪردار ا??ا ڪري ٿو. هن ٻنهي ملڪن وچ ۾ قائم فورمن ذريعي مسلسل دفاعي سهڪار کي ساراهيندي چيو ته ان سان دفاعي شعبي ۾ ٺوس اڳڀرائي ٿيندي. برطانوي هاءِ ڪمشنر پاڪ – برطانيه ناتن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ ناتن کي وڌ??ڪ مستحڪم ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو.