اسلام آباد ??? 29 آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آه?? ته يو اي اي پاڪستان جو اهم واپاري ۽ سيڙپڪار حصيدار آهي، يو اي اي سان خوشگوار لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ اسان جي حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي، پاڪستاني عوام جي دلين ۾ گڏيل عرب اماراتن جو خاص مقام آهي. اها ڳالهه هن پاڪستان ۾ يو اي اي جي سفير حماد عبيد ابراهيم سان ڳالهائيندي چئي جنهن پرڏيهي آفيس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي.