اسلام آباد – 22 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ايم ڪي?? ايم جي قومي اسيمبلي ميمبر خالد مقبول صديقي ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ مجموعي سياسي صورتحال تي خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم چيو ??ه هن وقت ملڪ کي درپيش مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ??ه سياسي مفاد کان مٿانهون ٿي ملڪي مفاد ۽ عوام کي ريليف فراهم ڪرڻ وقت جي اهم گهرج آهي. قومي اسيمبلي ميمبر خالد مقبول صديقي ايم ڪي?? ايم پاران وزيراعظم کي مڪمل حمايت جي خاطري ڪرائي.