اسلام آباد – 25 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ 2020ع کي ملڪ جي تعمير ۽ ترقي، معاشي استحڪام ۽ رليف جو سال قرار ڏيندي چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان 23 سال مسلسل جدوجهد کانپوءِ پاڪستان کي استحڪام پاڪستان جي سفر تي گامزن ڪري ڇڏيو آهي، هو روايتي سياستدان نه پر هڪ مقبول اڳواڻ آهي جيڪو ذاتي فائدي بدران قومي مفاد کي ترجي?? ڏيندي عوام جي خوشحالي ۽ آئنده نسلن جو سوچي ٿو، 2020ع وزيراعظم جي قيادت ۾ معاشي استحڪام سان حاصل ٿيندڙ ثمر عوام تائين پهچائڻ جو سال هوندو، دنيا جي سامهون ملڪ جو مثبت تشخص ۽ روشن چهرو ??جاگر ڪرڻ ۽ قومي بياني جي فروغ ۾ قومي خابرو ??دارو ”اي پي پي??? ا??م ڪردار ر??ندڙ آهي، عمران خان جي ويزن موجب اي پي پي کي اهڙو ادارو ??ڻائينداسين جو سڄي دنيا جا خابرو ??دارا ان کي رول ماڊل قرار ڏئي ان جي تقليد ڪندا. هو نيشنل لائبريري ۾ قومي خابرو ??داري ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جي ايوارڊ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪري رهي هئي.