اسلام آباد – 15 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ??دايت ڪئي آهي ته پيٽرول ۽ ڊيزل جي ق??متن ۾ گهٽتائي جي حڪومتي فيصلي جا ثمر سڄي ملڪ جي عوام کي پهچائڻ جي لاءِ سمورا صوبائي چيف سيڪريٽري گڏيل حڪمت عملي جوڙين، ملاوٽ کان ??اڪ ۽ خالص شيون ملڻ گڊ گورننس جي لاءِ ضروري آهي، ان ڳالهه تي خاص ڌيان ڏنو وڃي ته ملڪ ۾ ڪڻڪ جي وڏي مقدار ۾ فراهم?? سان گڏوگڏ اٽي جي ق??متن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي لاءِ سمورا ضروري قدم کنيا وڃن ته جيئن عوام کي مناسب قيمت تي اٽي جي فراهمي کي يقيني بڻائي سگهجي. هو ملڪ ۾ ضرورت جي شين جي ق??متن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي سلسلي ۾ قدمن جي حوال?? سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو.