اسلام آباد – پهرين جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته افغان امن عمل اهم مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آهي، بي?? الافغان ڳالهين تي راضپو ۽ ڳالهين واري ٽيمن جو اعلان خوش آئنده آهي، انهن ڳالهين سان افغانستان ۾ مستقل ۽ پائيدار امن جي راهه هموار ٿيندي. اه?? ڳالهه هن افغان امن عمل بابت آمريڪي خصوصي نمائندي زلمي خليل زاد سان ڳالهائيندي چئي ??نه?? پرڏيهي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪ??ي. ملاقات دوران خطي جي صورتحال، افغان امن عمل جي حوالي سان خاص طور تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. افغان مفاهمتي عمل بابت خاص نمائندي ايمبيسڊر زلمي خليل زاد ڪراچي اسٽاڪ ايڪسچينج تي ٿيندڙ دهشتگردي جي حملي تي پرڏيهي وزير سان افسوس جو اظهار ڪندي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران وقت سر ڪارروائي ۽ جوانن جي مثالي جرئت کي ساراهيو.