اسلام آباد – 11 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص معاون ۽ سي پيڪ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه چيو آهي ته ڪورونا وبا دوران زندگي ۽ معاشي ذريعن جي وچ ۾ توازن برقرار رک?? جي پاڪستان جي مستقل پاليسي جي عالمي برادري پاران توثيق ڪئي پئي وڃي. عاصم سليم باجوه آڪسفيم جي هڪ رپورٽ جي جواب ۾ هڪ ٽوئيٽ پيغام ۾ چيو ته دنيا رشڪ سان پاڪستان جي پوئيواري ڪري رهي آهي جنهن سان اسان جي حڪمت عملي جي تائيد ٿي آهي ۽ ان وبا کي شڪست ڏئي اسان جي قوم پاڻ کي هڪ بهادر قوم ثابت ڪيو آهي. آڪسفيم جي تازي رپورٽ ۾ خبردار ڪيو ويو آهي ته بک جي ڪري هڪڙي ڏينهن ?? 12 ??زار ماڻهن تائين فوت ٿي سگهن ٿا ۽ ا??ا موت جي شرح اپريل ۾ ڪورونا سبب ٿيندڙ ڏهاڙي 10 هزار فوتگين کان ??ه وڌيڪ ٿي سگهي ٿي.