اسلام آباد – 22 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آه?? ته گئس جي محدود وسيلن جي ڪري پيدا ٿيندڙ صورتحال خاص طور تي مستقبل تي نظر رکندي فوري طور تي جامع منصوبابندي جي ضرورت آه??، گئس بابت معاملن جو تعلق ڪنهن هڪ شعبي يا علائقي سان نه پر پوري ملڪ جو معاملو آه??، اهي سمورا معاملا مفادن جي ڪائونسل جي سامهون رکنداسين. اهڙن ??يا??ن جو اظهار هن گئس جي شعبي بابت معاملن جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجل??س ۾ ملڪ ۾ گئس جي گهرج ۽ پهچ، گئس انفرااسٽرڪچر، گئس جي شعبي ۾ درپيش مسئلن ۽ مستقبل جي ضرورتن کي ??ظر ۾ رکندي لائحه عمل جي حوالي سان تفصيلي ??يا??ن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، خاص معاون نديم بابر ملڪي سطح تي گئس جي پيداوار، ملڪي ضرورتن، درآمد ٿيل گئس جي مقدار، قيمت ۽ مستقبل جي ضرورتن کي ??ظر ۾ رکندي گهرج ۽ پهچ جي ڪاٿي تي تفصيلي بريفنگ ڏني، وزيراعظم اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته گئس جي شعبي ۾ هڪ طرف وڌندڙ گهريلو ۽ صنعتي شعبي جون ضرورتون ۽ ٻي طرف مقامي طور تي موجود گئس جي محدود ذخيرن سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال خاص طور تي ويجهي مستقبل جي صورتحال کي ??ظر ۾ رکندي فوري طور تي جامع منصوبابندي جي ضرورت آه??.