اسلام آباد – 31 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته قطر سان دوستاڻي لاڳاپن کي اهم سمجهون ٿا، ٻنهي ملڪن کي مشڪل وقت ۾ هڪٻئي جو ساٿ ڏنو آهي، ڪورونا وائرس جي وبا جي ڪري عالمي ۽ علائقائي سطح تي غير معمو??ي صورتحال پيدا ٿي وئي آهي، حڪومت وائرس تي ضابطو آڻن لاءِ هر ??مڪ?? ڪوشش ڪري رهي آهي، عالمي ۽ علائقائي سطح تي پارليامينٽن تي موجوده صورتحال ۾ وڏي ذميداري لاڳو ٿئي ٿي، سينيٽ سيڪريٽريٽ جي موجب اهڙن خيالن جواظهار هن سومر ڏينهن قطر جي سفير شيخ سعود بن عبدالرحم??ن الثاني سان ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ۾ اهم معاملن، ڪورونا وائرس جي سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال، علائقائي ۽ عالمي صورتحال، اداره جاتي تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، سينيٽ چيئرمين چيو ته قطر سان دوستاڻي لاڳاپن کي اهم سمجهون ٿا، ٻنهي ملڪن مشڪل وقت ۾ هڪٻئي جو ساٿ ڏنو آهي، ڪورونا وائرس جي وبا جي ڪري عالمي ۽ علائقائي سطح تي غير معمو??ي صورتحال پيدا ٿي وئي آهي، وبا جي خلاف عالمي سطح تي گڏجي ڪوششون ڪرڻ جي ضرورت آهي، حڪومت وبا تي ضابطو آڻڻ لاءِ هر ??مڪ?? ڪوشش ڪري رهي آهي.