اسلام آباد – 30 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان يو?? عاشور 10 محرم الحرام 1442هه جي موقعي تي قوم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته اڄ س??ي دنيا ۾ مسلمان جگر گوشه بتول رضه، نواسه خاتم النبيين صلعي الله عليه وعلي آله و اصحٰبه وسلم، امامِ عالي مقام حضرتِ امام حسين رضي الله تعاليٰ عنه جي شهادتِ عظميٰ جي بي مثال ۽ لازوال قرباني جي ياد کي تازو ڪري رهيو آهي، جيتوڻيڪ يو?? عاشور مختلف لحاذن کان وڏ?? اهميت رکندڙ آهي تنهن هو??دي به تاريخ اسلام ۾ ان ڏينهن کي هڪ ڌار تڪريم ۽ بل??دي ۽ خاص اهميت ۽ انفراديت امام عالي مقام جي شهادت ۽ ڪربلا واقعه جي ڪري حاصل ٿي آهي، هن چيو ته ڪربلا جو اهو ??ظيم معرڪو جيڪو حق ۽ باطل ۾ ٿيو اهو ??سان ک?? اها ڳالهه سمجهائي ٿو ته اسلام جي اعليٰ قدرن جي فروغ ۽ اصولن لاءِ ڪنهن به قرباني کان پاسو نه ڪرڻ ئي وڏي ڪاميابي آهي، وزيراعظم چيو ته جذبه شبيري مسلمانن جي ايمان ۽ يقين، سچائي ۽ اصول پس??دي جي روايتن کي جلا بخشي ٿو، اهو ??سلام جي ابدي پيغام ۽ جذبه قرباني جي لازوال ۽ روح پرور روايت جي آبياري جو سرچشمو به آهي جنهن جو مثال انساني تاريخ ۾ مشڪل سان ملي ٿو.