اسلام آباد – 30 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته بنيادي حقن، مع??شرتي مع??ملن ۽ ماحولياتي تحفظ ??ي حوالي سان اسلام حدون تعين ڪري ڇڏيون آهن، انهي تعليم کي عام ڪرڻ لاءِ مسجد ۽ منبر جو ڪردار تمام اهم آهي، مديني جي رياست جي طرز تي مع??شري جو قيام اسان جو خواب ۽ نبي اڪرم ﷺ جي سيرت اسان جي لاءِ مشعل راهه آهي، اسان کي ويڇن بدران اتحاد ۽ اتفاق کي فروغ ڏيڻ گهرجي، فرانسيسي صدر جو رويو مذمت جي قابل ۽ رياستي سط?? تي توهين آميز مواد جي ڇپائي جي حوصلا افزائي افسوسناڪ آهي، عالمي سط?? تي مذهبن جي احترام جي حوالي سان قانونسازي جي ضرورت آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن هتي عيد ميلاد النبي صه جي مناسبت سان قومي رحمت العالمين ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.