اسلام آباد – 24 – ڊسمبر (اي پي پي) قومي خابرو اداري اي پي پي هيڊڪوارٽرز ۾ اداري جي مسيحي ورڪرز جي اعزاز ۾ س??دن مذهبي ڏڻ ڪرسمس جي حوالي سان تقريب جو اهتمام ڪيو ويو، ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر سيده عديله رباب ڪاظمي ان مو??عي تي خاص مهمان هئي، جنهن مختلف شعبن ۾ س??دن خدمتن جو اعتراف ڪيو ۽ ڪرسمس ??و ڪيڪ به ڪٽيو. ان مو??عي تي اداري جا سينئر آفيسر قمر الله چوڌري، شفيق قريشي، عبدالجبار ذڪريا، محمد عظيم ۽ ٻيا به موجود هئا، اداري جي ٻين جرنلسٽ ۽ نان جرنلسٽ ورڪرن جي وڏي تعداد شرڪت ڪري مذهبي هم آهنگي جو عملي مظاهرو ڪيو. اي پي پي جي اهتمام هيٺ هر سال پنهنجي مسيحي ورڪرز جي اعزاز ۾ ان تقريب جو انعقاد ڪيو ويندو آهي، اي پي پي جي ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر سيده عديله رباب ڪاظمي مسيحي برادري کي ڪرسمس جي مبارڪ ڏني ۽ مسيحي ورڪرن سان گڏ ڪرسمس ??و ڪيڪ ڪٽيو، مسيحي ملازمن پاران به ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر کي شال اوڍائي وئي.