اسلام آباد – 08 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پي ڊي ايم جي ??وڪڻي مان هوا نڪري چڪي آهي، هاڻي ڪجهه سياسي يتيم لاش?? تي سياست ڪر?? رهيا آهن، مخالف ڌر هڪ دردناڪ واقعي کي پنهنجي سياسي مقصدن جي لاءِ استعمال ڪر?? رهي آهي، وزيراعظم عمران خان قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي حڪم جاري ڪيا آهن ته هو واقعي جي ذميدارن جو پتو لڳائين ۽ انهن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته مخالف ڌر مڇ واقعي کي سياسي رنگ ڏيڻ جي ??وشش ڪر?? رهي آهي، پوري قوم ڄاڻي ٿي ته مسلم ليگ (ن) جا سياسي يتيم ڪنهن جي لاءِ اتي ويا آهن،عوام پي ڊي ايم ۽ ان جي بياني کي رد ڪري چڪي آهي، اهي ماڻهو لاش?? تي سياست چمڪائڻ جي ??وشش ڪر?? رهيا آهن، هن چيو ته ان کان اڳ بلوچستان ۾ 7 فوجي اهلڪار شهيد ٿيا، ا?? تي مخالف ڌر اڳواڻن ڪا ڳالهه ناهي ڪئي، ماڊل ٽائون واقعي ۾ مريم نواز ??و چاچو ??لو?? هو، ان وقت سندس والد نواز شريف ملڪ جو وزيراعظم هو پر ماڊل ٽائون جي واقعي دوران کيس متاثرين جي ياد نه آئي، هاڻي اهي پنهنجو سياسي دڪان چمڪائڻ لاءِ هزاره برادري سان همدردي جو اظهار ۽ انهن جي لاش?? تي سياست ڪر?? رهيا آهن.