اسلام آباد – 02 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف عل??ي چيو آهي ته پاڪستان تعليم سان گڏوگڏ اخلاقي قدرن ۽ تربيت تي ڌيان ڏئي مسلمان امت جي قائد طور تي اڀري سامهون اچي رهيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن عل?? ڳڙهه انوورسٽي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف عل??ي چ??و ته تعليم سان گڏ تربيت جي فراهمي جي لاءِ هي قدم ساراهه جوڳو آهي، هن اداري جو قيام تاريخ جي بنياد تي عمل ۾ آندو پيو وڃي، قومن جي ترقي ۾ تعليم، تربيت ۽ قدرن جو اهم حصو هوندو آهي. هن چ??و ته عل?? سان نسل درنسل معلومات جو خزانو منتقل ٿئي ٿو. هن چ??و ته 16 هين کان 18 هين صدي دوران ڀارت پيداواريت جي حوالي سان اهم خطو هو?? اهو خطو عل?? ۽ فن جو گهوارو هو. ايسٽ انڊيا ڪمپني هندستان ۾ سيڙپڪاري ڪري ڦرلٽ جو بازار گرم ڪيو، غدارن ان جو ساٿ ڏنو، 1857ع جي آزادي جي جنگ ۾ مسلمانن جو قتلام ڪيو ويو، ان صورتحال جي ڏس ۾ سر سيد احمد خان چ??و ته مسلمان جيڪڏهن عل?? کان پري رهندا ته اهي دنيا جي اندر پنهنجو مقام حاصل نه ڪري سگهندا، هن مسلمانن تي عل?? حاصل ڪرڻ تي زور ڏنو، ننڍي کنڊ جي مسلمانن جي سوچ ۾ تبديلي ۾ عل?? ڳڙهه يونيورسٽي جو وڏو حصو آهي.