اسلام آباد – 28 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پنهنجو گهر اسڪيم سان ملڪ ۾ تعميراتي شعبي ۾ انقلاب ايندو، اهو منصوبو پاڪستان جي عوام کي پنهنجو گه??، روزگار جا ??وق??ا، ملڪي دولت ۾ اضافي ۽ معيشت کي فروع ڏيندو، ملڪ جي مستقبل جي لاءِ هي اهم منصوبو آهي، اسٽيٽ بئنڪ ۽ نيشنل بئنڪ جا سربراهه عوام جون مشڪلاتون ختم ڪرڻ جي لاءِ قدم ??ڻن. هو هائوسنگ ٽيلي ٿان کي ٽيليفونڪ خطاب ڪري رهيو هو. ان ??وق??ي تي اسٽوڊيو ۾ سينيٽر شبلي فراز، نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جو چيئرمين، اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر ر??ا باقر، نيشنل بئنڪ پاڪستان جو صدر موجود هئا. ماڻهن پاران ان ??وق??ي تي سڌوسنئون ڪالز ڪري پنهنجي مسئلن کان آگاهه پڻ ڪيو ويو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو اهڙن ماڻهن کي ??وق??و ڏنو پيو وڃي جيڪي پنهنجو گهر خريد ڪرڻ جي صلاحيت نه ٿا رکن، انهن کي هي ??وق??و ڏنو پيو وڃي ته جيڪا رقم اهي گهرن جي ڪرايي جي مد ۾ ڏئي رهيا آهن اها ئي قسط ادا ڪن. يورپ آمريڪا ۾ اهڙي طرح بئنڪن کان قرض وٺي گهر خريد ڪيا وڃن ٿا جڏهن ته پاڪستان ۾ اهو رواج نه هو. اسان پهريون ڀيرو اهو شروع ڪيو آهي. هن اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي گورنر ر??ا باقر ۽ نيشنل بئنڪ جي صدر کي هدايت ڪئي ته اهي قرض حاصل ڪرڻ ۾ مشڪلاتون ختم ڪن ۽ عوام جي لاءِ آسانيون پيدا ڪن. هن اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر کي تاڪيد ڪئي ته هو سمورين بئنڪن جي سربراهن کي ٻڌائي ته بئنڪ ماڻهن جي لاءِ آسانيون پيدا ڪري.