اسلام آباد – 28 آ??سٽ (اي پي پي) وزيرا??ظم عمران خان اسڪول ڪرڪيٽ جي لاءِ خاص طور تي ۽ ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ جي بالعموم فريم ورڪ جي منظوري ڏيندي چيو آ??ي ته اسڪول ڪرڪيٽ ملڪ ۾ ڪرڪيٽ جي حقيقي ٽيلنٽ کي اڀارڻ ۽ سامهون آڻڻ جي وسيج صلاحيت رکي ٿي. وزيرا??ظم آفيس پاران جاري بيان موجب وزيرا??ظم عمران خان کي پا??ست??ن ۾ ڊوميسٽڪ خاص طور تي اسڪول ڪرڪيٽ بابت پريزنٽيشن ڏني وئي. پريزنٽيشن سينٽرل پنجاب ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن جي چيئرمين عبدالله خان سمبال تيار ڪئي هئي. وزيرا??ظم پا??ست??ن ڪرڪيٽ بورڊ تحت هلندڙ تنظيم سينٽرل پنجاب ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن (سي پي سي اي) جي ماڊل کي ساراهيو. وزيرا??ظم اسڪول ڪرڪيٽ جي لاءِ خاص طور تي ۽ ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ جي لاءِ بالعموم فريم ورڪ جي منظوري ڏني ۽ سي پي سي اي کي ان ماڊل جي ريپليڪا کي سڄي ملڪ ۾ مڪمل ط??ر تي لاڳو ڪرڻ جي راءِ ڏني. وزيرا??ظم 15 سيپٽمبر کان وچ پنجاب ۾ اسڪول ڪرڪيٽ چيمپيئن شپ شروع ڪرڻ جي لاءِ مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي ۽ چيو ته اسڪول ڪرڪيٽ ملڪ ۾ ڪرڪيٽ جي حقيقي ٽيلنٽ کي اڀارڻ ۽ سامهون آڻڻ جي وسيع صلاحيت رکندڙ آهي. پنجاب جي چيف سيڪريٽري ان موقعي تي ٻڌايو ته ان اهم قدم ۾ پنجاب حڪومت اهم ڪردار ادا ڪيو آ??ي. اجلاس ۾ بين الصوبائي رابطن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر فهميده مرزا، وزيرا??ظم جي خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل، پا??ست??ن ڪرڪيٽ بورڊ جي چيف ايگزيڪيوٽو آ??يسر وسيم خان ۽ سينٽرل پنجاب ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن جي سي اي او خرم نيازي شرڪت ڪئي.