اسلام آباد – 03 – آڪٽوبر (اي پي پي) ڪامياب پاڪستان پر??گرام جي افتتاح جي تياري مڪمل ڪئي وئي آهي. وزيراعظم عمران خان اڄ سومر ڏينهن 4 آڪٽوبر 2021ع تي ڪامياب پاڪستان پر??گرام جو افتتاح ڪندو. ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته ڪامياب پاڪستان پنهنجي نوعيت جو منفرد پر??گرام آهي جنهن تحت 37 لک خاندانن کي 14 سئو ار?? رپين جا قرض ڏنا ويندا. هن چيو ته ڪامياب پاڪستان پر??گرام ملڪ ۾ غربت جي خاتمي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. اهو پر??گرام معاشري جي محروم طبقن جون زندگيون بدلائڻ ۽ انهن کي مالي لحاظ کان بااختيار بڻائڻ جي لاءِ جوڙيو ويو آهي. ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين وڌيڪ چيو ته اهو پر??گرام يقيني طور تي پاڪستان ۾ پنهنجي طرز جو پهريون پر??گرام آهي جنهن تحت مائيڪرو فنانس ادارن جي ذريعي بئنڪن ۽ گهٽ آمدني وارن طبقن کي پاڻ ۾ ڳنڍڻ ۾ مدد ملندي. ناڻي واري وزير چيو ته ڪامياب پاڪستان پر??گرام غريب ۽ ڪمزور طبقن جي حوالي سان رياست جي احساس جي ذميواري جي عملي تعبير آهي. هن چيو ته ڪامياب پاڪستان پر??گرام جا 5 عنصر آهن. جن ۾ ڪامياب آبادگار جي ذريعي آبادگارن کي بنا وياج جي قرض جي فراهمي کانسواءِ ڪاروبار جي لاءِ 5 لک تائين بنا وياج جي قرض ڏنا ويندا. اهڙي طرح سستو گهر اسڪيم تحت پنهنجو گهر ٺاهڻ جي لاءِ آسان قسطن ??ي فنانسنگ جي سهولت حاصل ٿيندي جڏهن ته پر??گرام تحت وفاقي حڪومت جي اسڪلڊ بيسڊ اسڪالرشپ اسڪيم ۽ صحت انصاف ڪارڊ کي پڻ ڪامياب پاڪستان پر??گرام سان ڳنڍيو ويندو.