اسلام آباد_21 سيپٽمبر (اي پي پي)چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه سان پاڪستان ۾ يونان جي سفير آندرياس پاپا ستاورو هتي جي ايڇ ڪيو ۾ ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي وارن معاملن خاص طور تي افغانستان جي موجوده صورتحال ۽ مختلف شعبن ۾ سهڪار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، آءِ ايس پي آر موجب ان موقعي تي آرمي چ??ف چيو ته پاڪستان پنهنجي عالمي شراڪتدارن سان خطي ۾ امن ۽ افغان عوام جي مستحڪم ۽ خوشحال مستقبل کي يقيني بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي،آرمي چ??ف چيو ته اسان گڏيل مفاد وارن سمورن شعبن ۾ صحت مند ٻه طرفا مٽاسٽا جي حوصلا افزائي ڪيون ٿا، يونان جي سفير مربوط قو??ي ردعمل ذر??عي ڪورونا وائرس جي وبا تي ضابطي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن جي تعريف ڪئي،هن افغان صورتحال،ڪامياب آپريشن ۽ علائقائي استحڪام جي ڪوششن لاءِ پڻ پاڪستان جي تعريف ڪئي.